گهوٽڪي ڀرسان 9 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل انڪم ٽيڪس کاتي جو عملدار شائق حسين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي

گهوٽڪي ڀرسان 9 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل انڪم ٽيڪس کاتي جو عملدار شائق حسين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، سندس چوڻ آهي ڌاڙيلن کائنس ڦر لٽ ڪري ڇڏي ڏنو آهي.

گهوٽڪي آفيس مان واپسي تي ٽول پلازه وٽان 9 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل انڪم ٽيڪس آفيس جو انسپيڪٽر شائق حسين ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي شائق حسين چيو ته ڌاڙيل مون کي 9 ڏينهن اڳ اغوا ڪري ويا هئا، پيسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري واپس ڇڏي ويا، هٿيار بندن مان ٻن ڄڻن جي هن سڃاڻپ ڪري ورتي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*