لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪورٽ پاران 2016 ۾ رتوديرو ڀرسان پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار جاڙو ويسر کي عمر قيد ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪورٽ پاران 2016 ۾ رتوديرو ڀرسان پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار جاڙو ويسر کي عمر قيد ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ زال کي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس جي جوابدار جاڙو ويسر کي عمر قيد ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

جوابدار 2016 ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ بچل ويسر ۾گهرو اڻبت تان پنهنجي سڳي ڀاءُ ضمير ويسر کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار نظير مغيري کي ڦاهي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

جوابدار نظير مغيري 2014 ۾ ڳوٺ الله ڏنو مغيري ۾ زال شريفان کي  گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

ناري جي پيءُ پاران قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*