قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي قائم

 ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيهي رهيو ، سندس چوڻ آهي ته هو ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري موقف تي قائم آهي، آرٽيڪل 149 چار جو ٻيو حصو  اڃا ظاهر ئي نه ڪيو آهي، وفاقي حڪومت ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري سگهي ٿي، سنڌ حڪومت وفاق جو آرڊر نه مڃيو ته سپريم ڪورٽ وينداسين.

ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فروغ نسيم  چيو ته هو ڪراچي کي وفاقي حوالي ڪرڻ واري پنهنجي موقف تي قائم آهي

قانون واري وفاقي وزير چيو ته، وفاقي سرڪار ڪراچي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري سگهي ٿي ، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت جو آرڊر مڃڻو پوندو

فروغ نسيم چيو ته  جيڪڏهن سنڌ حڪومت آرڊر نه مڃيو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ ويندا، عدالت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هلندڙ تڪرار تي فيصلو ڏئي سگهي ٿي

 فروغ نسيم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا هو پنهنجون تجويزون وزيراعظم آڏو پيش ڪندو ۽ ضرورت پوڻ تي معاملو وفاقي ڪابينا ۾ به پيش ڪيو ويندو…

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*