فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن صوبي جي آئيني ۽ جمهوري حقن تي حملو نه ڪندي

وزيراعظم جِي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن صوبي جي آئيني ۽ جمهوري حقن تي حملو نه ڪندي،  آئيني طريقي سان سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪنهن صوبي جي ورهاڱي جو بيان ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارڊ استعمال ڪيا پيا وڃن، اسان سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا.

هن چيو ته سنڌ کي نانا جي ملڪيت سمجهڻ وارا ڪِچري تي سياست ڪري رهيا آهن، سنڌ سرڪار عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي

سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، خراب حڪمراني جا نتيجا عوام ڀوڳي رهيو آهي

وزيراعظم جي خاص معاون چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي ووٽرز سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي خود اراديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم سڀاڻي مظفرآباد وڃي رهيو آهي، سموري قوم سڀاڻي مظفرآباد ۾ ڪشميرين کي پيغام ڏيندي ته اها ساڻن گڏ آهي، جنيوا  جي گڏيل پڌرائي پاڪستان جي ڪوششن جو تسلسل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*