ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته اهو علائقائي امن لاءِ سخت خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو: صدر عارف علوي

صدر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو نه آهي، ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته اهو علائقائي امن لاءِ سخت خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ هڪ طرفو قدم کڻي عالمي قانون ۽ شملا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو نه پر اهو تڪراري مسئلو آهي.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير مان سموريون پابنديون ختم ڪري ۽ گڏيل قومن کي پنهنجا آزاد مبصر والاريل ڪشمير موڪلڻ گهرجي، ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته امن لاءِ خطرو هوندو

سندس چوڻ هو ته 9 لک ڀارتي فوجن جي موجودگي سان ڪشمير هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي ويو آهي، والاري ماٿري ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي

صدر عارف علوي چيو ته قابض ڀارتي فوج غيرقانوني گرفتارين ۽ ڪشميري عورتن جي عضمت لتاڙي رهي آهي، ڀارت جي جنوني ڪاررواين سان 90 لک ڪشميرين جي زندگين کي خطرو آهي، اسان مظلوم ڪشميرين جي نسل ڪشي برداشت نه ڪنداسين.

هن چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين جي سرپرستي ڪئي آهي، سنگين ڏوهه ۾ ملوث هئڻ تي دهشتگرد ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا ٻڌائي وئي

سندس چوڻ هو ته پلوامه واقعي تي اسان ڀارت کان ثبوت گهريا پر ڪو به جواب نه مليو، ڀارت پلوامه حملي جي آڙ ۾ اسان تي حملي جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان جي هٿياربند فوج ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ڀارت جو جهاز تباهه ڪري پائليٽ کي گرفتار ڪيو پر وزيراعظم خير سگالي تحت ڀارتي پائليٽ واپس ڪيو.

صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته ڀارت اسان جي اهڙي رويئي کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو پر اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي

هن چيو ته حڪومت کي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ گردشي قرض ورثي ۾ مليو، بچت جو ڳچ حصو قرضن جي ادائگي ۾ هليو ويو، احتساب کان مٿانهن قدمن سان حڪمرانن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو.

صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته ماضي جي حڪمرانن پاران ٻين جي جنگ ۾ پاڪستان کي شامل ڪرڻ سڀ کان وڏي غلطي هئي

هن چيو ته معاشي اعتبار سان ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ان ڪري 2019 واري بجيٽ ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، حڪومتي پاليسين سبب معاشي بهتري اچي پئي

سندس چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين لاءِ فائديمند آهي، ان سان وچ ايشيا تائين رسائي ٿيندي، چين سان آزاداڻي واپار سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان دروازا کلندا

صدر عارف علوي چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ امن سان واپاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*