سنڌ ڄائو آهيان، سنڌ جي ورهاڱي جي خلاف آهيان: فروغ نسيم

وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 149 تحت مڪاني ادارا مضبوط ٿيندا،  اڄ اربن سنڌ ۾ مونکي هيرو ۽ رورل سنڌ ۾ ولِن ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، متحده مان آئون اڪيلو ئي سنڌ جي ورهاڱي جو مخالف آهيان.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته مون اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي، جيڪا مون سان جوڙي پئي وڃي، مون ائين ڪڏهن به نه چيو آهي ته ڪراچي کي صوبو ٺاهيو وڃي يا ان کي ڌار ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ۾ آئون واحد ماڻهو آهيان جيڪو صوبي واري معاملي جو مخالف آهيان، آئون سنڌ جو ڄائو ۽ سنڌ جو ئي آهيان، هميشه نئين صوبي جي مخالفت ڪئي آهي

قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته سنڌين تي ڏکيو وقت آيو ته آئون پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان، اڄ اربن سنڌ ۾ مونکي هيرو ۽ رورل سنڌ ۾ وري ولِن ڪري پيش پيو ڪيو وڃي

وفاقي وزير چيو ته آئون سنڌ جي ترقي جو ڳالهه ڪريان پيو، آرٽيڪل 149 سان سنڌ جا مڪاني ادارا مضبوط ٿيندا، جيڪي رڳو ڪراچي جا نه پر سموري سنڌ جا هوندا

فروغ نسيم جو چوڻ هو ته مون ڪراچي ڪميٽي ۾ فهميده مرزا، محمد ميان سومرو  ۽ علي نواز شاهه جا نالا به ڏنا پر علي نواز شاهه علاج لاءِ لنڊن ويل هو  ۽ محمد ميان جو نالو ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو پر هن فون ئي نه کنئي ۽ بعد ۾ هن ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪئي.

وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته  بعد ۾ هن فهميده مرزا سان به ڳالهايو، هاڻي ڪميٽي ۾ نصرت سحر عباسي، فهميده مرزا،  جمال صديقي، شڪور شاد ۽ عطا الله کي به شامل ڪيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*