مولانا راشد محمود سومرو جي ڊي اي اڳواڻ پيرپاڳاري کي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري کي وفاقي حڪومت کان فور طور ڌار ٿيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ورهاڱي بابت ڏنل تڪراري بيان واپس وٺي ڪراچي ڪميٽي فوري طور ختم ڪري.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ورهاڱي وارو فيصلو واپس نه ورتو ته پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويندا

هن چيو ته هڪ سازش تحت ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ ٻيهر زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته فروغ نسيم جي بيان ۽ آرٽيڪل 149 کي رد ڪيون ٿا، ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، سنڌ جي ورهاڱي واري سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*