پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ھاڻ برداشت نه ڪنداسين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ھاڻ برداشت نه ڪنداسين، ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ سان سنڌ ۾ احساس محرومي پيدا ٿيندي

راڌڻ ويجهو ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ سان سندس ڀاءَ جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهيندي بلاول چيو ته ڪراچي جو اهڙو ڪو به مسئلو ناهي جو ان کي اسلام آباد مان هلائجي

هن چيو ته ڪراچي کي ڌار ڪرڻ سان ملڪ کي وڏو نقصان پهچندو، اڳ به ملڪ ۾ آءِ جي آءِ ذريعي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

بلاول ڀٽو چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي حڪومت ٺاهڻ نه پئي ڏني وئي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ۽ اسان جي سوچ ۾ فرق آهي، عمران کي ڌانڌلين سان اقتدار ۾ آندو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*