ماڊل گرل ايان علي جو جڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ بعد کيس راولپنڊي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو

راولپنڊي جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جو مڪمل چالان پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪسٽم اختيارين کي اڄ ئي ضروري دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ماڊل گرل ايان علي جي وڪيل چيو آهي ته جيستائين دستاويز جمع نٿا ڪرايا وڃن، ايان علي جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

ڪسٽم عدالت جي جج جي مقرري نه ٿيڻ سبب ماڊل گرل ايان علي جو جڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ بعد راولپندي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران عدالتي حڪمن باوجود ڪسٽم اختيارين هن ڀيري به ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جج ريمارڪس ۾ چيو ته ائين ناهي ٿيندو، جو ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪيس جو چالان ئي پيش نه ٿئي.

ڪسٽم اختيارين پاران عدالت کان مڪمل چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

ايان علي جي وڪيل چيو ته جيستائين ڪيس جو چالان پيش نه پيو ٿئي، تيستائين ايان علي جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت، ڪسٽم اختيارين کي هدايت ڪئي ته اڄ ئي ضروري دستاويز جمع ڪرايا وڃن، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻيءَ ۾ وقفو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*