لاهور هاءِ ڪورٽ زمين الاٽمينٽ بابت درخواست تي شهباز شريف کي 14 مئي تي طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ڪلچر جي زمين جي الاٽمينٽ بابت درخواست تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 14 مئي تي طلب ڪري ورتو، عدالت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سميت ٻين عملدارن کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جسٽس عباد الرحمان لوڌي تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينڪ اسلاميه نظريه پاڪستان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته بورڊ آف روينيو پنجاب پاران نظريه پاڪستان ٽرسٽ لاءِ 2 ڪئنال کان وڌيڪ جي ايراضي حاصل ڪئي.

وڪيل چيو ته بورڊ آف روينيو پاران هن وقت تائين معاوضي جي ادائيگي ناهي ڪئي وئي.

عدالت، اهڙي درخواست تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي 14 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*