راولپنڊي جي بينڪنگ ڪورٽ ماڊل گرل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 18 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

راولپنڊي جي بينڪنگ ڪورٽ، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل گرل ايان علي جي جديشل رمانڊ ۾ 18 مئي تائين واڌ ڪري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪسٽم عدالت جي جج جي مقرري نه ٿيڻ سبب ماڊل گرل ايان علي کي جڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ بعد راولپندي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران عدالتي حڪمن باوجود ڪسٽم اختيارين هن ڀيري به ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جج ريمارڪس ۾ چيو ته ائين ناهي ٿيندو، جو ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪيس جو چالان ئي پيش نه ٿئي.

ڪسٽم اختيارين پاران عدالت کان مڪمل چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

ايان علي جي وڪيل چيو ته جيستائين ڪيس جو چالان پيش نه پيو ٿئي، تيستائين ايان علي جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

وقفي بعد ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته ڪسٽم اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کان مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت،ايان علي جي رمانڊ ۾ 18 مئي تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*