جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي سان جمهوريت جو بنياد پيو آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته واڌ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو انڪشاف اهم آهي پر اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان ڄاڻ ئي نه هئي، چونڊن جا حتمي نتيجا اچڻ کان اڳ ئي نواز شريف پنهنجي ڪاميابي جي فتويٰ جاري ڪئي.

اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي سان جمهوريت جو بنياد پيو آهي.

هن چيو ته جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي دوران بيلٽ پيپر غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو انتهائي اهم معاملو آهي.

عمران خان چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي پر اليڪشن ڪميشن کي ڄاڻ ئي ناهي ته ڪيترا واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا  ۽ ڪنهن لاءِ ڇاپيا ويا.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته عام چونڊن دوران 48 ڪلاڪن دوران ڪو به بيان جاري نٿو ڪري سگهي، پر وزيراعظم نواز شريف ان دوران ئي پنهنجي ڪاميابي جي فتويٰ جاري ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*