ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا

ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

سائيٽ ڪوٽڙي جي پير خورشيد ڪالوني چوڪ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو ساقب احمد، 50 سالا لياقت علي جٽ ۽ امداد سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي ۾ فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد حالت نازڪ ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي لياقت علي جٽ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*