عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، خواجه سعد رفيق

مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳٺ جوڙ آهي پر عام چونڊن دوران ڇانوڻي بورڊ جي اليڪشن ۾ ٻنهي پارٽين کي عوام رد ڪري چڪو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان جو ڌرڻي وارو ڊرامو ناڪام ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته عمران خان کي اقتدار حاصل ڪرڻ جي تڪڙ آهي، ان لاءِ اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان سانڊي جيان رنگ بدلائيندو آهي، سندس هڪٻئي پٺيان ڪوڙ عوام آڏو اچي چڪا آهن، عمران چوي ٿو ته سڀ فوت ٿي وڃن  ۽ هو اقتدار حاصل ڪري وٺي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جي ڳٺ جوڙ آهي، ڪنهن ڳٺ جوڙ ڏسڻي آهي ته عمران خان ۽ اعتزاز احسن کي ڏسي  وٺي.

سعد رفيق وڌيڪ چيو ته  عام چونڊن توڙي ڇانوڻي بورڊ جي اليڪشن ۾پي ٽي آءِ ۽ پ پ کي عوام رد ڪري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*