سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ ممتاز جکراڻي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

سيشن ڪورٽ جيڪب آباد ۾ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير ممتاز جکراڻي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ذوالفقار مرزا ڪوڙا بيان ڏئي  سندس ساک کي نقصان رسايو آهي.

  صوبائي وزير ممتاز جکراڻي جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي صوبائي  گهرو وزير ذوالفقار مرزا خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.

پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صوبائي وزير ممتاز جکراڻي تي هندو ناريون اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي.

پٽيشن ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ذوالفقار مرزا جي بيان سان ممتاز جکراڻي جي سندس تڪ جي عوام ۾ ساک خراب ٿي آهي، مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*