پاڪ_افغان سرحد تي ٻن مختلف واقعن ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد: آءِ ايس پي آر

پاڪ –افغان سرحد تي ٻن مختلف واقعن ۾ پاڪ فوج جا چار جوان شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان ۾ ڊيوٽي تي موجود  فوجي دستو معمول جي گشت تي هو ته سرحد پار کان دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 23 سالن جو سپاهي اختر حسين شهيد ٿي ويو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه حملي ڪندڙ مارجي ويا، فائرنگ اسپن وام ويجهو اباخيل جي علائقي ۾ ڪئي وئي.

آئي ايس پي آر مطابق  ٻئي واقعي ۾ دير ۾ پاڪ، افغان سرحد تي افغانستان کان دهشتگردن فائرنگ  ۾ ٽي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جا جوان سرحد تي تار لڳائڻ ۾ مصروف هئا ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڇڏي

شهيدن ۾ لانس نائيڪ امين آفريدي، شعيب سواتي ۽ سپاهي ڪاشف علي شامل آهن،پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي تي دهشتگرد فرار ٿي ويا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*