حيدرآباد ۾ نادرا جو انوکو ڪارنامو، هڪ شهري کي 2 سڃاڻپ ڪارڊ جاري

حيدرآباد  ۾ نادرا انوکو ڪارنامو سرانجام ڏيندي هڪ شهري کي 2 سڃاڻپ ڪارڊ نمبر جاري ڪري ڇڏيا

20 ورهين جي نوجوان انس کي  ب فارم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ تي الڳ الڳ نمبر جاري ڪيا ويا آهن

ب فارم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ تي الڳ الڳ نمبر هجڻ سبب نوجوان انس جو پاسپورٽ  به رد ٿي ويو آهي

 انس نادرا خلاف دانهيندي ٻڌايو آهي ته  پاسپورٽ رد ٿيڻ سبب پرڏيهي دورو به ملتوي ٿي ويو  آهي

هن وڌيڪ چيو ته نادرا وارا غلطي باوجود مونکي آفيسن جا چڪر ڪاٽرائي رهيا آهن

هن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرائن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*