آرٽيڪل 149 جو مطلب اهو ناهي ته ان سان صوبو ٺاهينداسين: فروغ نسيم

قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته اسان پاڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ٿيڻ نه ڏينداسين، آرٽيڪل  149 جو مطلب ناهي ته ان سان صوبو ٺاهينداسين،سياسي جوڙ توڙ لاءِ ڳالهيون ڦهلايون پيون وڃن

 سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ۽ قانون جي صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فروغ نسيم چيو ته آرٽيڪل 149 نئون صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري

هن چيو ته آرٽيڪل 149 بابت سنڌ جي ميڊيا کي مطمئن ڪري چڪا آهيون، ڪنهن کي به اڃا ڪو خدشو آهي ته اهو ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

سنڌ جي مڪاني ادارن جي وزير ناصر شاهه جو اهو بيان ته  جنهن ڪميٽي ۾ فروغ نسيم شامل هوندو،ان ۾ انهن جو ڪوبه نمائندو شامل نه هوندو، واري بيان تي تبصرو ڪندي فروغ نسيم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي ڪنهن نمائندي کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي،اهو سنڌ حڪومت جو صوابديد آهي ته  انهن جونمائندو ڪميٽي  ۾ شامل ٿئي يانه.

هڪ سوال جي جواب ۾ فروغ نسيم چيو ته جيڪي ماڻهو آرٽيڪل 149 ۾ اهڙي ڳالهه پڙهن، جيڪا ان ۾ لکيل ناهي، ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو

قانون جي وزير چيو ته 149 بابت معاملن کي ڪميٽي کي فائنل ڪرڻو آهي

هن چيو ته سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر رضا رباني  چيو ته آرٽيڪل 149 لاڳو  ڪرڻ جو مطلب هي آهي ته حڪومت صوبو قائم ڪرڻ گهري ٿي.جڏهن ته صوبي ٺاهڻ لاءِ آئين جا ٻيا آرٽيڪل آهن

هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن مان ايڊز سميت سمورا مسئلا ختم ٿين

فروغ نسيم چيو ته جنهن کي به آرٽيڪل 149 بابت بحث ڪرڻو  آهي ته انهن  کي پهريان ان آرٽيڪل کي پڙهڻ گهرجي

هن چيو ته نيب جنهن جوابدار کي  50 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪندي، ان کي  جيل ۾ سي ڪلاس ڏنو ويندو

هن چيو ته عورتن کي ملڪيت مان حصو ڏيارڻ لاءِ قانون سازي ڪري رهيا آهيون ۽ عورت محتسب جو ادارو قائم ڪيو پيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*