ملاله يوسفزئي پاران والاريل ڪشمير ۾ هزارين ٻارڙن ۽ جوانن جي گرفتارين تي ڳڻتي ظاهر

نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي والاريل ڪشمير ۾ هزارين ٻارڙن ۽ جوانن جي گرفتاري ۽ اسڪولن جي بندش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن ۽ عالمي تنظيمن کان ڪشمير جي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

پنهنجي بيان ۾ ملاله يوسفزئي چيو آهي ته سندس ڪشمير ۾ رهندڙ  ۽ ڪم ڪندڙ صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ شاگردن سان ڳالهه ٿي آهي، ڪشمير ۾ مواصلاتي نظام بند هئڻ سبب رابطو ڪرڻ ۾ تمام ڏکيائيون پيش آيون

ملاله يوسفزئي چيو ته ڪشمير جو دنيا سان رابطو ڪٽيل آهي ۽ هو پنهنجو آواز دنيا تائين پهچائي نه ٿا سگهن

نوبل انعام يافته ملاله جو چوڻ هو ته رابطي دوران ڪشميري ڇوڪرين ٻڌايو ته ڪشمير ۾ مڪمل طور خاموشي ڇانيل آهي، انهن ٻڌايو ته وٽن ڪو به ذريعو نه آهي جو کين خبر پئجي سگهي ته ساڻن ڇا ٿي رهيو آهي

هن چيو ته ڪشميري شاگردن کيس ٻڌايو آهي ته هو رڳو پنهنجي گهرن جي ٻاهران ڀارتي فوجين جي بوٽن جا آواز ٻڌن ٿا جيڪي تمام گهڻا ڀوائتا آهن

ملاله يوسفزئي چيو ته ڪشمير ۾ ٻارڙن ۽ جوانن سميت هزارين ماڻهن جي گرفتاري تي ڳڻتي آهي، چاليهه ڏينهن کان ٻارڙا اسڪول نه وڃي سگهيا آهن ۽ نينگريون ٻاهر نڪرڻ کان ڊڄن ٿيون

نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي مطالبو ڪيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي تنظيمون ڪشمير ۾ امن لاءِ ڪم ڪن، عالمي اڳواڻ ڪشميرين جو آواز ٻڌن ۽ ٻارڙن جي اسڪولن تائين رسائي ممڪن بڻائين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*