ماضي جيان اسان جي حڪومت م ڪو به بزنس ايمپائر نه بڻجي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جيان اسان جي حڪومت ۾ ڪو به بزنس ايمپائر نه بڻجي رهيو آهي، 13 مهينن دوران وزيراعظم يا ڪنهن به وزير خلاف ڪرپشن جو ڪيس سامهون نه آيو آهي، اصل ۾ اهو نئون پاڪستان آهي

پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هيءَ نئون پاڪستان ئي آهي ڇاڪاڻ ته اڄ ميگا ڪرمنل ڪيسز ۾ ماڻهو جهڙي ريت جيلن ۾ آهن اڳ ۾ ائين ممڪن نه هو

هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معيشت کي بهتر ڪيو پيو وڃي، پاڪستاني معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي

سندس چوڻ هو ته ڪنهن حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو  5 سالن کانپوءِ ورتو ويندو آهي ان بابت مون کان 5 سالن کان پوءِ ئي پڇاڻو ڪيو وڃي

وزيراعظم عمران خان چيو ته ايندڙ چئن مهينن دوران پاڪستان اسٽيل ملز ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*