نيب انڪوائري، پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو گهيرو تنگ

نيب انڪوائري کانپوءِ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو وڌيڪ گهيرو تنگ ٿي ويو آهي،  ڪابينا سيڪريٽريٽ مختلف وزارتن کي خط لکي پيپلزپارٽي جي دور ۾ خورشيد شاهه ڪميٽي پاران مستقل ڪيل ملازمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

ذريعن موجب ڪابينا سيڪريٽريٽ مختلف کاتن کي خط لکي خورشيد شاهه نظرثاني ڪميٽي پاران پڪو ڪيل ملازمن جا تفصيل طلب ڪيا آهن

ذريعن موجب ڪابينا سيڪريٽريٽ خط ۾ چيو آهي ته سموريون وزارتون خورشيد شاهه ڪميٽي طرفان پڪو ڪيل ملازمن جا تفصيل فراهم ڪن سمورا تفصيل انڪوائري ڪميشن ڏانهن اماڻيا وڃن

ياد رهي ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ نظرثاني ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ڪميٽي ڪَچن ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي پڪو ڪيو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*