ميرپورخاص ۾ ايمبولنس نه ملڻ تي پٽ جو لاش موٽرسائيڪل تي کڻائڻ دوران حادثي سبب والد ۽ چاچو به فوت

ميرپور خاص ۾ ايمبولينس نه ملڻ تي پٽ جو لاش موٽرسائيڪل تي کڻائڻ دوران حادثي سبب والد ۽ چاچي جَي به فوت ٿيڻ واري معاملي جو سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي نوٽيس وٺندي 2 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي  آهي

 سنڌ جي وڏي وزير ۽ صحت کاتي ميرپورخاص واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊاڪٽر مشتاق احمد ۽ ڊاڪٽر انور قادر تي ٻڌل 2 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفيڪشن موجب ڪميٽي ايمبولينس نه ملڻ واري سببن جو جائزو وٺندي

صحت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته  ڪميٽي متاثر شخص کان پئسا وصول ڪرڻ واري معاملي جو به جائزو وٺندي

صحت کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾جاچ جي تاريخ 16 آڪٽوبر لکيل هئي، جنهن جي هيٺيان ڊي جي هيلٿ صحي به ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن ۾تاريخ درست ڪندي 16 سيپٽمبر لکي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*