سعودي عرب ۾ تنصيبن تي حملي کانپوءِ عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون چئن مهينن جي سڀ کان مٿانهين سطح تي اچي ويون آهن

سعودي عرب ۾ تنصيبن تي حملي کانپوءِ عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون چئن مهينن جي سڀ کان مٿانهين سطح تي اچي ويون آهن، آمريڪي ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 10 ڏهائي 68 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

عالمي منڊي ۾ ٽريڊنگ جي شروعات ۾ ئي ڪچي تيل جي في بيرل قيمت ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا 71 ڏهائي 95 ڊالر في بيرل تائين وڃي پهتي.

حملن جي ڪري تيل جي عالمي پهچ ۾ فوري طور تي 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته بعد ۾ صدر ٽرمپ طرفان آمريڪي ذخيرا رليز ڪرڻ تي قيمت ۾ ڪجهه گهٽتتائي ٿي.

اختيارين موجب سعودي تنصيبن جي مڪمل طور تي آپريشنل ٿيڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*