ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي

ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فوج وڌيڪ ٽن مظلوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، وادي ۾ اڄ 42 هين ڏينهن به ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون جاري آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي فوج ڄمون ڪشمير ۾ گوليون هڻي ٻن هٿين خالي ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي فوج  ڄمون ڪشمير مان حراست ۾ ورتل هڪ نوجوان کي حراست دوران تشدد جو نشانو بڻائي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جار ي آهي، وادي ۾ اڄ 42 هين ڏينهن به لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو برقرار آهي، جنهن ڪري عوام سخت عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*