آمريڪي صدر محفوظ ذخيرن مان تيل جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو

آمريڪي صدر محفوظ ذخيرن مان تيل جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي تيل سپلاءِ تي حملو ڪندڙن بابت ڄاڻ آهي پر سعودي عرب کان ڄاڻڻ چاهيون ٿا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن مان تيل جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي مقدار جو تعين مارڪيٽ ضرورتن موجب ڪيو ويندو.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جي آئل سپلاءِ تي حملو ڪيو ويو، اسين جوابدارن کي سڃاڻون ٿا، اسان مسلسل هدف کي نظر ۾ رکيو آهي رڳو تصديق ڪرڻ چاهيون ٿا.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آئل سپلاءِ تي حملي بابت سعودي عرب کان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهو ڪنهن کي حملي جو ذميوار سمجهي ٿو ۽ ڪهڙن شرطن تي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*