گلگت بلتستان ۾ هيليڪاپٽر اسڪول جي عمارت سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو، 4 پرڏيهي اجل جو شڪار، 2 پائيلٽ شهيد

گـِلگت بلتستان جي علائقي نلتر ۾ وزيراعظم جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ هيليڪاپٽر اسڪول جي عمارت سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ فلپائين ۽ ناروي جي سفيرن سميت 4 پرڏيهي اجل جو شڪار 2 پائيلٽ پڻ شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هالينڊ ۽ پولينڊ جي سفيرن سميت حادثي ۾ 13 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن.

گلگت بلتستان جي علائقي نلتر ۾ پاڪستاني ۽ پرڏيهي سفارتڪار هيليڪاپٽر ذريعي وزيراعظم جي هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ايم آءِ سيونٽين هيليڪاپٽر آرمي پبلڪ اسڪول جي عمارت سان ٽڪرائجي ويو.

 آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هيليڪاپٽر ۾ ٽيڪنيڪي خرابي سبب پائليٽ کي ڪريش لينڊنگ ڪرڻي پئي، جنهن بعد هيليڪاپٽر کي باهه لڳي وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، هيليڪاپٽر ۾ 11 پرڏيهي ۽ 6 پاڪستاني هئا، جن ۾ سفيرن ۽ سندن گهرواريون شامل هيون.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ فلپائين ۽ ناروي جي سفيرن کان علاوه انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي سفيرن جون گهروايون به اجل جو شڪار ٿي ويون، جڏهن ته پاڪ فوج جا 2 پائيلٽ ميجر التمش ۽ ميجر فيصل به شهيد ٿي ويا.

 آءِ ايس پي آر موجب، حادثي جي نتيجي ۾ هالينڊ ۽ پولينڊ جي سفيرن سميت 13 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا آهن، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*