ڀارتي سپريم ڪورٽ، مودي سرڪار کي والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڀارتي سپريم ڪورٽ، مودي سرڪار کي والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڪانگريس اڳواڻ غلام نبي آزاد کي به  والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏيندي ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ ٻارن جَي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪن اناڪشي گنگولي پاران والاريل ڪشمير ۾ پابندين خلاف داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار اناڪشي گنگولي موقف اختيار ڪيو ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ آرٽيڪل 3 سئو 70 رد ڪرڻ کانپوءِ پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ اتي مڪمل طور تي لاڪ ڊائون آهي، جنهن سبب ڪشميري ٻار ۽ شاگرد انتهائي ڏکيائين ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڀارتي چيف جسٽس رانجن گوگوئي چيو ته هي معاملو ڄمون ۽ ڪشمير جي هاءِ ڪورٽ بابت آهي، اها ئي ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي، جنهن تي درخواستگذار چيو ته پابندين سبب ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ پهچڻ ناممڪن آهي.

ڀارتي چيف جسٽس رانجن گوگوئي رمارڪس ڏنا ته ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ پهچڻ ڇو ڏکيو آهي؟ ڇا ڪو رستو روڪي رهيو آهي، اسان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان صورتحال ڄاڻڻ چاهيون ٿا، ضرورت پوڻ تي پاڻ ڄمون ڪشمير هاءِ ڪورٽ ويندس.

ڀارتي سپريم ڪورٽ، مودي سرڪار کي حڪم ڏنو ته ڄمون ۽ڪشمير جي صورتحال فوري طور تي معمول تي آندي وڃي، ماڻهن کي طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي هر ممڪن قدم کنيو وڃي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڄمون ڪشمير هاءِ ڪورٽ، ڪشمير ۾ جاري لاڪ ڊائون ۽ پابندين واري معاملي تي فيصلو ڏئي سگهي ٿي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪانگريس اڳواڻ غلام نبي کي ماٿري جو دورو ڪرڻ ۽ ڪشميرين سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني.

عدالت قرار ڏنو ته غلام نبي، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان ملاقات ڪري، پر کيس جلسن ۽ جلوسن جي اجازت نه هوندي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*