وزيراعظم جِي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن بدران قومي ناڻي جي آمدني وڌي رهي آهي

وزيراعظم جِي سڌ سماءَ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن بدران قومي ناڻي جي آمدني وڌي رهي آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت هلندڙ مالي سال جَي پهرين ٻن مهينن ۾ گذريل سال جَي پنج سئو 9 ارب جَي مقابلي ۾ پنج سئو 80 رپيا ٽيڪس جمع ڪيو.

هن چيو ته ايف بي آر ۾ 6 لک نون ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن ۾ واڌ ٿي، جنهن جي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو ٽيڪس جي اوڳاڙي جي فرض کي قومي تحريڪ جي شڪل ڏني.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پهريون ڀيرو حڪمرانن بدران قومي ناڻي جي آمدني وڌي رهي آهي، هي ملڪ ۽ قوم توڙي معيشت لاءِ خوشخبري آهي، 2 سيلولر ڪمپنين کان لائسنس في جي مد ۾ 70 ارب رپيا اوڳاڙيا، هڪ ٻي ڪمپني کان وڌيڪ 70 ارب رپيا ٿيڻ جي اميد  آهي.

فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾رڪارڊ گهٽتائي وڏي ڪاميابي آهي، حڪومت معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري طبقي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*