اسلام آباد جِي احتساب عدالت، ايل اين جي ڪيس ۾ نيب حراست هيٺ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي چاچي جِي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد جِي احتساب عدالت، ايل اين جي ڪيس ۾ نيب حراست هيٺ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي چاچي جِي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي ڀيڻ درخواست داخل ڪرائيندي شاهد خاقان عباسي جي پيرول تي آزاديءَ جي استدعا ڪئي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته شاهد خاقان عباسي جو چاچو وفات ڪري ويو آهي، جنهن ڪري کيس جنازي ۾ شرڪت لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو وڃي.

احتساب عدالت اهڙي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*