وزيراعظم عمران خان، ڪنهن به قسم جي ڊيل وارين افواهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل سياسي مداخلت کان آزاد آهي

وزيراعظم عمران خان، ڪنهن به قسم جي ڊيل وارين افواهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب جو عمل سياسي مداخلت کان آزاد آهي، والاريل ڪشمير معاملي تي حڪومت جي جارحاڻي حڪمت عملي درست قدم ثابت ٿيو آهي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران حڪومت جي آئيني ۽ قانوني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقاتد وران وزيراعظم جي آمريڪي ۽ سعودي عرب وارن دورن تي به مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان ڪنهن به قسم جي ڊيل وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ڊيل جا فواهه پکيڙيندڙن کي مايوسي ٿيندي.

هن چيو ته احتساب جو عمل سياسي مداخلت کان آزاد آهي، احتساب جي عمل تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي، ملڪ ۾ جاري احتساب جا مثبت ثمر جلد سامهون ايندا.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سندس سمورو ڌيان ڪشمير ڪاز تي آهي، جنرل اسيمبلي ۾ خطاب انتهائي اهم هوندو، جڏهن ته ڪشمير معاملي تي حڪومت جي جارهاڻي حڪمت عملي درست قدم ثابت ٿيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*