خانپور ۾ جوابدار 15 ورهين جي نينگر کي مبينا زيادتي جو نشانو  بڻائي بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري ويا

خانپور ۾ جوابدار 15 ورهين جي نينگر کي مبينا زيادتي جو نشانو  بڻائي بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري ويا، وارثن موجب جوابدار دوست نينگر علي اصغر بروهي کي گذريل ڏينهن ڇانهه پيارڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا ۽ نشو ڏئي پوري رات زيادتي جو نشانو بڻايو،پوليس مک جوابدار جي پيءُ کي گرفتار ڪري واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي.

خانپور  ۾ گذريل ڏينهن دوستن سان گڏ ويل  15 ورھين جو نينگر علي اصغر بروھي گهرو ٻاهران بيهوشي واري حالت ۾ مليو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نينگر جي پيءُ حاجي محمد بخش بروھي چيو ته سندس پٽ کي ان جا دوست نعمت الله بروھي ۽ ٻيا چانهه پيارڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ نشو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته جوابدارن مزاحمت ڪرڻ تي نينگر مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ بيهوشي واري حالت ۾ کيس گهر ٻاهران ڦٽو ڪري ويا آهن.

وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدار نعمت الله جي پيءُ کي حراست ۾ ورتو ويوآهي، نينگر جي وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*