سپريم ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ منشيات بابت سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ منشيات بابت سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪراچي منشيات جي وڪري ۽ استعمال ۾ دنيا اندر ڏهين نمبر تي آهي، آءِ جي سنڌ انهن ثبوتن کي چيڪ ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل بئنچ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر منشيات جي استعمال بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سنڌ حڪومت طرفان رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته صوبي جي تعليمي ادارن اندر منشيات بابت ڪابه رپورٽ نه آهي.

عدالت سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪندي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته  سنڌ حڪومت جي رپورٽ سان اتفاق نٿا ڪريون، ڪراچي منشيات جي وڪري ۽ استعمال ۾ دنيا اندر ڏهين نمبر تي آهي، آءِ جي سنڌ انهن ثبوتن کي چيڪ ڪيو آهي.

عدالت ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي سنڌ حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*