وفاق ۾ مقرر چاليهه سيڪريٽريز مان رڳو هڪ جو تعلق سنڌ سان آهي، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه، وفاقي ڪامورن جي ترقين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آفيسرن کي نظر انداز ڪرڻ تي احتجاج ڪندي وزيراعظم کان ملاقات لاءِ وقت گهـُري ورتو آهي، خورشيد شاهه چيو آهي ته وفاق ۾ مقرر چاليهه سيڪريٽريز  مان رڳو هڪ جو تعلق سنڌ سان آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آفيسرن کي 21 هين کان 22 هين گريڊ جي ترقين ۾ نظر انداز ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته 13 آفيسرن کي 21 هين کان 22 هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي پر ترقين ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آفيسرن کي نظر انداز ڪيو ويو، وزيراعظم ان جو نوٽيس وٺي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته هن وقت تائين 21 هين گريڊ جي 13 آفيسرن کي اڳئين  گريڊ ۾ ترقي ناهي ڏني وئي، انهن ۾ 8 آفيسر اهڙا آهن، جيڪي اهليت تي به پورو لهن ٿا پر ان باوجود کين نظر انداز ڪيو  ويو.

خورشيد شاهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي آفيسرن سان ٿيندڙ ناانصافي تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ پڻ وقت گهري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*