ڪراچي ۾ اينٽي ڪارلفٽنگ سيل ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي شهزاد اعواڻ ۽ صحافي کان ڦر ڪيل ڪارون هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ اينٽي ڪارلفٽنگ سيل ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي شهزاد اعواڻ ۽ صحافي کان ڦر ڪيل ڪارون هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ملير پوليس به اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.

اي سي ايل سي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ملڪ شهزاد اعواڻ کان ڦر ڪيل گاڏي هٿ ڪري ورتو.

ايس ايس پي امجد شيخ موجب ڪارروائي دوران صحافي فيصل شڪيل کان پر ڪيل ڪار به هٿ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪارون ڦر ڪندڙ ٽولي جي ٻن ڏوهارين فهيم ۽ پرويز کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻي پاسي ملير پوليس به ڪارروائي دوران اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پر ڪيل 65 هزار رپيا، 9 موبائل فونز ، موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هٿيارن جي زور تي رستي ويندڙ ماڻهن  ۽ گهرن مان ڦر ڪندو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*