وفاقي حڪومت خلاف تحريڪ، بلاول ڀٽو پاران 18 سيپٽمبر تي مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس 18 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو

بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي اجلاس ۾ ڊسمبر تائين عمران خان جي حڪومت جي خاتمي لاءِ ڊيڊ لائين ڏيڻ تي مشاورت ڪئي ويندي

هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اجلاس ۾ پارٽي جي سينيئر قيادت ڊسمبر کانپوءِ حڪومت جي خاتمي واري تحريڪ تي به صلاحڪ مشورا ڪندي

پ پ سينيٽر جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي عوامي را بطه مهم جي سلسلي ۾ سموري ملڪ ۾ دورن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا

پ پ چيئرمين جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال جا جائزو وٺڻ کانپوءِ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*