ن ليگ اڳواڻ مريم نواز پارٽي جي نائب صدر واري عهدي تي برقرار رهندي: اليشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن  مريم نواز کي پارٽي جي نائب صدر  جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪندي،هن کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميش فيصلو ٻڌائيندي چيو ته مريم نواز ن ليگ جي نائب صدر برقرار رهندي

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ مريم نواز کي پارٽي عهدو تان هتائڻ جي درخواست جي شنوائي ٿي هئي

تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي چئن عورت ميمبرن اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته مريم نواز سزا يافتا آهي،انڪري اها پارٽي عهدو رکڻ جي اهل ناهي

مريم نواز جي وڪيل  بيرسٽر ظفرالله اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريم نواز پارٽي آئين تحت عهدو رکي سگهي ٿي

هن چيو ته فيصلو اسان جي خلاف اچي ها ته ان جا ڏورس نتيجا نڪرن ها

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*