سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن ۾ ترميم وارو بل منظور ڪري ورتو

سنڌ اسيمبلي مڪاني ادارن ۾ ترميم وارو بل منظور ڪري ورتو آهي، نئين قانون تحت 2010 واريون ميونسپل ڪميٽيز ۽ ڪارپوريشنز برقرار رهنديون، شرجيل ميمڻ واٽربورڊ کي هلائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر شرجيل ميمڻ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير سڪندر منڌري مڪاني نظام ۾ترميم وارو بل پيش ڪيو، جنهن جي منظوري ڏني وئي.

نئين قانون تحت 2010 واريون ميونسپل ڪميٽيز ۽ ڪارپوريشنز برقرار رهنديون، سڪندر منڌري جو چوڻ آهي ته ترميمي بل جي منظوري سان ٽائون ڪميٽيز ۽ ميونسپل ڪميٽيز کي اپگريڊ ڪري سگهبو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده جي محمد حسين ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت التويٰ واري رٿ پيش ڪندي چيو ته ساليانو 2000ارب ڏيندڙ شهر جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.

هن چيو ته وفاقي حڪومت به ڪراچي کي نظر انداز ڪري رهي آهي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا منصوبا 6 مهينن اندر مڪمل ٿي وڃن ٿا پر ڪراچي جي بهتري ڪوبه قدم نه نٿو کنيو وڃي.

متحده قومي موومينٽ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ هئڻ تي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو ته پمپنگ اسٽيشنز جي حالت خراب هئڻ سبب پاڻي بحران پيدا ٿيو آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار چيو ته جيڪڏهن واٽر بورڊ جون ذميواريون سندن حوالي ڪيون وڃن ته هو ٽن مهينن ۾ ان جي حالت بهتر بڻائي سگهن ٿا، کين خبر آهي ته خرابي ڪٿي آهي.

خواجه اظهار چيو ته هو پاڻي معاملي تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ واٽر بورڊ کي سياست ڪرڻ نه ڏيندا ۽ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشنز تي ميٽر لڳايا وڃن.

التويٰ واري رٿ تي ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته واٽر بورڊ ۾ ڀرتي ٿيل نااهل ماڻهو ذميواريون نڀائڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ پاڻي بحران جو هڪ سبب رڪوري نه ٿيڻ به آهي.

صوبائي وزير واٽر بورڊ کي هلائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي آڇ ڪندي چيو ته ان ڪميٽي کي وزارت جا اختيار هوندا ۽ هو ڪميٽي سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته ماضي ۾ صنعتن کي به غير قانوني ڪنيڪشن ڏنا ويا، جيڪڏهن اهي ڪنيڪشن ڪاٽينداسين ته لکين پورهيت بيروزگار ٿي ويندا.

صوبائي وزير چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ به پاڻي بحران جو هڪ سبب آهي ۽ جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وارن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته سندن ملازمن کي گرفتار ڪيو ويندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ هڪ سئو غير قانوني هائيڊرينٽس ختم ڪيا ويا آهن ۽ هو ٽينڪر مافيا کي خبردار ڪير ٿو ته غير قانوني طور هلندڙ ٽينڪرز کي ضبط ڪيو ويندو.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت بلن جي مد ۾ هر مهيني 50 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Comments

  1. iahtsham
    iahtsham 9 May, 2015, 16:08

    KTN is not Wholistic

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*