ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي مودي جي ڪوڙ جو پول کولي ڇڏيو: فردوس ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق  اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي  والاريل ڪشمير جي صورتحال تي فاشسٽ مودي جي ڪوڙ جو پول کولي ڇڏيو آهي،هي فيصلو پاڪستان جي موقف جي سوڀ ۽ ڀارت جي هار آهي.

سماجي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير  ۾ انساني حقن جو تحفظ ڀارتي عدليا جي آزادي جو امتحان آهي

هن چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارتي عدالت بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيئن ڪري ٿي

خاص معاون وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال حڪومت اٽڪل هڪ هزار ارب رپيا نان ٽيڪس ريونيو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي،جنهن ۾ ٻه سو ارب رپيا سيلولر سيڪٽر، چار سو ارب رپيا اسٽيٽ  بينڪ جي نفعي ۽ ٽي سو ارب رپيا آر ايل اين جي پلانٽس جي نجڪاري مان ملڻ جي اميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*