وفاقي وزير پاران پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪراچي صفائي مهم جي آجيان

وفاقي وزير علي زيدي پاران سنڌ حڪومت جي ڪراچي صفائي مهم جي آجيان، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ علي زيدي چيو آهي ته خوشي آهي ته 11 سالن بعد سنڌ حڪومت کي ڪراچي ۾ ذميواريون نڀائڻ لاءِ هوش اچي ويو، مهم شروع ڪرڻ تي ناصر شاهه جو ٿورائتو آهيان پر مڪاني کاتي جي اڳوڻي وزير کي مهم کان پاسيرو ڪرڻ نه وساريندا.

وفاقي وزير علي زيدي سنڌ حڪومت پاران ڪراچي صفائي مهم ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي

علي زيدي پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته خوشي ٿي آهي ته سنڌ حڪومت کي 11 سالن کانپوءِ ڪراچي ۾ پنهنجيون ذميورايون نڀائڻ لاءِ هوش آيو

علي زيدي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ڪراچي صفائي مهم شروع ڪرڻ تي مڪاني کاتي واري وزير  ناصر شاهه جو ٿورائتو آهي پر مڪاني کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سندس ساٿين کي مهم کان پاسو ڪرڻ نه وساريندا

علي زيدي چيو آهي ته هو دعا ٿو ڪري ته سنڌ حڪومت مهم ۾ ڪامياب ٿئي پر ڪراچي جي صفائي کانپوءِ گندگي جي ور چڙهيل سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به صفائي ڪئي وڃي

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*