پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته ڪشميرين جي ڊگهي جدوجهد جاري آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  چيو آهي ته ڪشميرين جي ڊگهي جدوجهد جاري آهي، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد  نئون موڙ ورتو آهي.

لاهور ۾ ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جي جاکوڙ نئون موڙ ورتو آهي، ڀارت جي 5 آگسٽ وارن قدمن ڪشميرين جي جدوجهد کي نئون رخ ڏنو آهي.

 شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ کنيل غير قانوني قدمن خلاف اسان آواز اٿاريو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي رهي آهي.

هن چيو ته  54 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشميرين جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، روس ۽ فرانس لچڪ نه ڏيکارين ها ته هي اجلاس ممڪن نه هو، چين سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي وڪالت ڪئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*