وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي پهتل نيب راولپنڊي جي ٽيم آڏو پيش نه ٿيو

وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي پهتل نيب راولپنڊي جي ٽيم آڏو پيش نه ٿيو، وڏي وزير چيو آهي ته نيب نوٽيس موڪليا آهن، پڙهڻ کانپوءِ خبر پوندي ته نوٽيس ڪهڙي حوالي سان موڪليا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب وڏي وزير کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ ٻيهر نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري ٽي ڀيرا نوٽيس موڪلڻ باوجود پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو.

وڏو وزير مراد علي شاهه ڪراچي پهتل نيب راولپنڊي جي ٽيم آڏو پيش نه ٿيو، نيب ٽيم وڏي وزير کي ڪراچي هيڊ ڪوارٽر ۾ ا+ صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو هو.

وڏي وزير نيب ڏانهن خط موڪلي چيو ته هو مصروفيتن سبب پيش نٿو ٿي سگهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب وڏي وزير کان جاچ هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي کيس جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بيهر نوتيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نيب ذريعن موجب وڏو وزير مراد علي شاهه ٽي ڀيرا نوٽيس ملڻ باوجود نيب آڏو پيش نه ٿيو ته نيب قانون تحت کيس گرفتار ڪيو ويندو……..

سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب آڏو پيش نه ٿيو، نيب وڏي وزير کي جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيسز بابت پڇاڳاڇا لاءِ اڄ 11 وڳي ڪراچي هيڊڪوارٽرز آفيس ۾ طلب ڪيو هو، ذريعن موجب وڏي وزير نيب وٽ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته هو مصروفيتن سبب پيش ٿي نه ٿو سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*