سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئچ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي 30 آڪٽوبر تي گڏيل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئچ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي 30 آڪٽوبر تي گڏيل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻيلي کاتي جي آفيسرن عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪچي ۾ ڪيتري ئي سرڪاري زمين تي قبضا ٿيل آهن، فنڊز نه ملڻ سبب قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس عبدالرشيد سومرو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪچي واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شفيع محمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ علي رضا بلوچ، ٻيلي کاتي جا ڪنزرويٽرز، ڊي ايف اوز ۽ ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا.

ٻيلي کاتي جي آفيسرن عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪچي ۾ ڪيتري ئي سرڪاري زمين تي قبضا ٿيل آهن، فنڊز نه ملڻ سبب قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

عدالت ٻيلي کاتي جي عملدارن کي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي گڏيل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*