نوابشاهه جي ايسر پور واري علائقي ۾ هڪ پٿر دل پيءُ 4 سالن جي پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو

پنوعاقل کانپوءِ نوابشاهه ۾ به انسانيت کي لڄائيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، نوابشاهه جي ايسر پور واري علائقي ۾ هڪ پٿر دل پيءُ 4 سالن جي پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، پوليس جوابدار پيءُ فيصل شيخ کي گرفتار ڪري ٻار جو لاش واهه مان هٿ ڪيو، پوليس موجب جوابدار اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته هن پٽ کي ناجائز هئڻ جي شڪ هيٺ قتل ڪيو آهي.

ڇن بابو شاخ ۾ نينگر جو لاش لڙهندي ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻارڙي سيف الله شيخ جو لاش ڪڍي اسپتال پھچايو.

نينگر جو والد نه ملڻ تي پوليس معصوم ٻار جي پيءُ فيصل شيخ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس حراست دوران جوابدار پيءُ بيان ڏيندي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته هن پنج ڏينھن اڳ پنھنجي پٽ کي موٽرسائيڪل تي گھران وٺي وڃي شاخ جي ڪپ تي نينگر کي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش شاخ ۾ لوڙھي ڇڏيو ھو.

جوابدار فيصل شيخ چيو ته هن پٽ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس گم ٿيڻ جو اطلاع نواب شاهه ٿاڻي تي ڏنو هو.

جوابدار پيءُ چيو ته هن معصوم پٽ کي ناجائز هئڻ جي شڪ هيٺ قتل ڪيو آهي.

ڪجهه هفتا اڳ پنوعاقل ۾ به هڪ شخص پنهنجي ٻار کي زهر پياري قتل ڪيو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*