وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير يائو جينگ ملاقات ڪري چيني سفير جو پيغام پهچايو

وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير ملاقات ڪري چيني صدر شي جن پنگ جو نيڪ خواهشن وارو پيغام وزيراعظم کي پهچايو.

وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير يائو جينگ ملاقات ڪري چيني سفير جو پيغام پهچايو، جنهن تي وزيراعظم سندس ٿورا مڃيا.

پنهنجي پيغام ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيو ته اسان مسقبل ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايون ٿا.

چيني سفير پنهنجي چيني صدر جو پيغام پڙهي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين جي روايتي دوستي پهاڙ جيان مضبوط آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*