حڪومت مريم نواز بابت آيل اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

حڪومت مريم نواز بابت آيل اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز بابت آيل اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪندي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ 19 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪيو ويندو.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو واضح فيصلو آهي ته ڪو به سزا يافته ڪنهن عهدي تي مقرر نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪيمشن پنهنجي فيصلي ۾ تسليم ڪيو آهي ته مريم نواز سزا يافته آهي.

سندس چوڻ هو ته فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز ڪنهن به جلسي، جلوس، ريلي يا ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺي نه ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت ميڊيا جي خودمختياري تي يقين رکي ٿي، ميڊيا کي ذميوار بڻائڻ ۽ ميڊيا جي شفاف ڪردار کي فعال ڪرڻ لاءِ احتسابي عمل شروع ڪيو پيو وڃي.

وزيراعظم جي خاص معاون جو چوڻ هو ته حڪومت خاص ميڊيا ٽريبونلز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ميڊيا بابت جيڪي شڪايتون آهن اهي عدليا جي ماتحت  ميڊيا ٽريبونل ٻڌندو.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ميڊيا ڪنهن تي الزام لڳائي ٿو ته اهو معاملو ميڊيا ٽريبونلز ڏسندو ۽ ميڊيا ٽريبونلز 90 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو پابند هوندو ۽ ميڊيا ٽريبونلز جي نگراني عدليا ڪندي.

وزيراعظم جي خاص معاون فرودس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ڪابينا کي آمريڪي دوري بابت اعتماد ۾ ورتو، عمران خان ڪشميرين جو سفير بڻجي آمريڪا وڃي رهيو آهي، وزيراعظم آمريڪا ۾ اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*