وزيراعظم نواز شريف، هيليڪاپٽر سانحي تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم نواز شريف،  هيليڪاپٽر سانحي تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي هدايتن بعد زخمين کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جا  جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ميان نواز شريف گلگت ۾ پيش آيل هيليڪاپٽر سانحي تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف، هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي فوري طور تي اسلام آباد منتقل ڪري کين هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هوڏانهن پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر ۾ 17 ڄڻا سوار هئا، پرڏيهي وزارت پاران پرڏيهي سفارتڪارن لاءِ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو هو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته هيليڪاپٽر حادثي بابت سفيرن جي ملڪن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*