وزير اعظم عمران خان اڄ طورخم بارڊر جو افتتاح ڪندو

وزير اعظم عمران خان اڄ طورخم بارڊر جو افتتاح ڪندو، طورخم  بارڊر  کي چوويهه ڪلاڪ کليو رکڻ لاءِ سمورا انتظاما مڪمل ڪيا ويا آهن

وزير اعظم عمران خان ضلعي خيبر ايجنسي جو دورو ڪندو ۽ پاڪ-افغان طورخم بارڊر چوويهه ڪلاڪ کليو رکڻ  جي منصوبي جو افتتاح ڪندو

ڪي پي جو گورنر  شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ ارباب شهزاد سميت  ٻيا اڳواڻ موجود هوندا

ذريعن مطابق طورخم بارڊر تي ڪسٽمز ۽ ٻين ادارن  انتظام مڪمل ڪري  ورتا آهن،سرحد کولڻ سان  ٻه طرفي واپار  ۾ بهتري ايندي ۽ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي

ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان ۽ شوڪت يوسفرزئي  طورخم بارڊر تي پهچي انتظامن جو جائزو ورتو

اطلاعن مطابق بارڊر کولڻ واري تقريب ۾ افغان صدر اشرف غني ته شرڪت نه ڪري رهيو آهي، پر افغان وفد شرڪت ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*