شاگردياڻي نمرتا جو ڳجهارت بڻيل موت، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي موت وارو معاملو اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ هندو برادري ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪندي وي سي کي فوري طور هٽائڻ ۽ معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

شاگردياڻي نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف هندو برادري ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو

شاگردياڻي نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران ڏيئا ٻاري احتجاج

شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڏيئا ٻاري شاگردياڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي

ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ زرعي يونيوسٽي جي شاگردن به نمرتا جي پرار موت خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو

ميرپورماٿيلو  ۾ نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري شهيد شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي خلاف نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن چيو ته بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ شاگردياڻي جو موت وڏو سانحو آهي، يونيورسٽي انتظاميه توڙي وي سي جاچ کان اڳ ئي چون ٿا ته واقعو آپگهات جو آهي

هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شاگردياڻي جي موت کي آپگهات قرار ڏيڻ وارا بيان ڏئي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا

هنن مطالبو ڪيو ته وي سي کي فوري طورهٽائي نمرتا واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي حقيقتون عوام سامهون آنديون وڃن ۽ وارثن سان انصاف ڪيو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*