وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف قمر جاويد باجوا جي ملاقات

وزير اعظم عمران خان  سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪري ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي

اسلام آباد ۾ وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران والاريل ڪشمير  ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

ملاقات ۾  وزير اعظم جي آمريڪا ۽ سعود عرب جي دوري جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي،جنهن دوران هن جي آمريڪي صدر سان ملاقات طئي آهي.

وزير اعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران والاريل ڪشمير جي صورتحال تي تي روشني وجهندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*