سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي ڌماڪي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي ڌماڪي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، 2010  ۾ حملي دوران ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار زخمي ٿيا هئا.

عدالت 2010ع ۾ رستم ٿاڻي جي حد ۾ اڳوڻي ايم اين اي ابراهيم جتوئي تي آپگهاتي حملي دوران ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جوابدار خليل بروهي ۽ عبدالباري کي 14، 14 سال قيد جي سزا ٻڌائيندي ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي آهي.

عدالت هڪ جوابدار کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو …………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*